24/04/2026
اڄ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي حڪم ۽ رهنمائي تحت لاريب ماڊل سيڪنڊري اسڪول حاجي خير محمد لاشاري ۾ Book Bank وسيلي شاگردن ۾ ڪتاب ورهايا ويا
هي سٺو قدم ان اعليٰ سوچ جو اظهار آهي جنهن تحت جيڪي شاگرد اڳتي درجن ۾ ويا تن کان ڪتاب گڏ ڪري ٻين ضرورت مند شاگردن کي ڏنا ويا، ته جيئن هر ٻار کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ برابر موقعا ملي سگهن
Book Bank جو هي نظام نه رڳو وسيلا بچائڻ جو ذريعو آهي، پر شاگردن ۾ سهڪار، ذميواري ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو جذبو به پيدا ڪري ٿو.
اسان دل جي گهراين سان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا ٿورا مڃيون ٿا، جن جي حڪمت عملي ۽ تعليم سان محبت سبب اهڙو بهترين قدم کنيو ويو آهي.
والدين ۽ شاگردن کي گذارش آهي ته هن سٺي عمل ۾ ڀرپور ساٿ ڏين، ڪتابن جو خيال رکن ۽ ايندڙ شاگردن لاءِ انهن کي محفوظ رکن.
علم روشني آهي — اچو ته ان کي هر گهر تائين پهچايون