16/10/2026
#2420
#سی #ڈی #ایف #میوزیم #سکرنڈ
⚓ پاڪستان نيوي جي تاريخ جو هڪ خوبصورت يادگار 🇵🇰
هي پيتل مان ٺهيل خوبصورت گهنٽي مون پاڪستان ميري ٽائيم ميوزيم، ڪراچيءَ مان خريد ڪئي هئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهڙيون گهنٽيون ڪنهن زماني ۾ پاڪستان نيوي جي جهازن تي استعمال ٿينديون هيون، جيڪي سامونڊي زندگيءَ، نظم ۽ ضبط ۽ بحري روايتن جو حصو هيون.
قديم شيون رڳو ڌاتو يا ڪاٺ مان ٺهيل شيون ناهن هونديون، پر اهي پنهنجي اندر تاريخ، تهذيب ۽ ماضيءَ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سموئي رکنديون آهن.
سي ڊي ايف ميوزيم سڪرنڊ ۾ به منهنجي ڪوشش آهي ته اهڙيون تاريخي ۽ ثقافتي شيون محفوظ ڪيون وڃن، جيئن اسان جي نئين نسل کي ماضيءَ جي تاريخ، علم ۽ تهذيب بابت ڄاڻ ملي ۽ انهن ۾ تاريخي ورثي کي محفوظ ڪرڻ جو شعور پيدا ٿئي.
منهنجي نظر ۾، ميوزيم صرف پراڻين شين کي رکڻ جي جاءِ ناهي، پر اهو ماضيءَ کي حال سان ۽ حال کي مستقبل سان ڳنڍڻ جو هڪ خوبصورت ذريعو آهي.